سنڌ ۾ گئس جي بندش برقرار، گهريلو واهپيدارسخت پريشان

ڪراچي : سنڌ ۾ گئس جي بندش سبب گهريلو واهپيدار پريشان، ڪراچي، حيدرآباد، سکر، دادو، مٽياري ۽ ٻين شهرن ۾ گئس جو پريشر گهٽجڻ سبب رڌ پچاءُ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رھيون آھن

 شهري هوٽلن ۽ گهرن ۾ ڪاٺيون ٻاري رڌ پچاءُ ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آھن، ڪوٽڙي ۾ گئس جي بحران کان بيزار عورتون رستن تي نڪري آيون، سئي گئس آفيس اڳيان گئس جا ڪاٺين سان چُلها ٻاري انوکو احتجاج ڪيو ويو

ان سلسلي ۾ شهرين جو چوڻ آهي ته گئس جي بندش سبب ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، حڪمران گئس بحران کي ڪنٽرول ڪرڻ بدران بيان ڏيڻ ۾ رُڌل آھن، گئس جي لوڊشيڊنگ ۽ بندش جو مسئلو حل ڪري بيچيني ختم ڪئي وڃي، ٻي صورت مظاھرن جو دائرو وسيع ڪيو ويندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔