عالمي بئنڪ پاڪستان لاءِ 19 ڪروڙ 50 لک ڊالرز قرض جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد: عالمي بئنڪ پاڪستان لاءِ 19 ڪروڙ 50 لک ڊالرز قرض جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اقتصادي معاملن واري وزارت موجب قرض جي رقم توانائي جي شعبي ۾ بهتري جي لاءِ استعمال ڪئي ويندي.
پاڪستان ۽ عالمي بئنڪ وچ ۾ معاهدي تي اسلام آباد ۾ صحيحون ڪيون ويون. معاهدي تي اقتصادي معاملن واري سيڪريٽري ميان اسد حياءُالدين صحيحون ڪيون. ورلڊ بئنڪ جي آپريشنز مئنيجر انجم احمد ورلڊ بئنڪ طرفان معاهدن تي صحيحون حيسڪو، ميپڪو ۽ پيسڪو جي نمائندن منصوبن جي معاهدن تي صحيحون ڪيون.
منصوبي جي تحت حيسڪو، ميپڪو۽ پيسڪو جي آپريشنل ڪارڪردگي بهتر بنائڻ جي لاءِ قدم کنيا ويندا. اهي منصوبا پاور ڊويزن کي نيشنل اليڪٽرڪ سٽي پاليسي 2021ع جي تحت پاور سيڪٽر ۾ اصلاحات جي نفاذ ۾ به مددگار ٿيندو.
اقتصادي معاملن واري سيڪريٽري جامع ۽ پائيدار اقتصادي ترقي کي هٿي ڏيارڻ لاءِ لاڳيتو تعاون ڪرڻ تي عالمي بئنڪ انتظاميه جا ٿورائتا آهيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔