نالج پارڪ جو افتتاح 2014 ۾ شهباز شريف ڪري چڪو آهي: مريم اورنگزيب

لاهور: مسلم ليگ(ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران صاحب! اڄ هڪ دفعو ٻيهر لاهور ۾ ان منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکيو آهي جنهن جو آڪٽوبر 2014 ۾ افتتاح ٿي چڪو آهي.
ڊي ايڇ اي لاهور ۾ نالج پارڪ آڪٽوبر 2014 ۾ مسلم ليگ(ن) جي دور ۾ ٺهيو ۽ افتتاح ٿيو هو. مريم اورنگزيب پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته عمران صاحب شهباز شريف جي منصوبن جو ٻيهر افتتاح ڇڏي گهر وڃڻ جي منصوبه بندي ڪريو. عوام کي اوهان جون ڪوڙيون تختيون نه پر رخصتي گهرجي. صبح، شام نوازشريف ۽ شهباز شريف مٿان الزام لڳايو، ڪوڙا ڪيس ٺاهيو ۽ ان جي منصوبن تي تختيون لڳايو.
نالج پارڪ جي لاءِ زمين رکڻ، منصوبه بندي ۽ ان جو سمورو ڪم پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف 2014 ۾ مڪمل ڪري چڪو آهي. نالج پارڪ سان گڏ اٽلي جي يونيورسٽي جي تعاون سان يونيورسٽي جي قيام جو معاهدو شهباز شريف ڪري چڪو آهي.
مريم اورنگزيب چيو ته شهباز شريف جي ٺاهيل اي لائبريري جو منصوبو ۽ اشتهار به چوري شروع ٿي ويا آهن. 2017 قذافي اسٽيڊيم سميت پنجاب ۾ 21 لائبريريون ٺاهيون ويون هيون. عمران صاحب شهباز شريف جي ٺاهيل سموريون لائبريريون بند ڪرائي ڇڏيون.
عمران صاحب لائبريري جي منصوبن جي نيب کان جاچ شروع ڪرائي ۽ فنڊز بند ڪرائي ڇڏيا. ڊسمبر 2021 ۾ نيب کي ڪوبه ڪرپشن جو نشان نه ملڻ تي ڪيس بند ڪرڻو پيو. عمران صاحب صرف نواز ۽ شهباز جي منصوبن تي تختيون بدلائي لڳائڻ جي صلاحيت رکي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔