فيصل واوڊا نااهلي ڪيس: اليڪشن ڪميشن فيصلو محفوظ ڪري ورتو

ڪراچي: اليڪشن ڪميشن پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) اڳواڻ فيصل واوڊا جي نااهلي لاءِ داخل درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو

چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ اسلام آباد ۾ فيصل واوڊا جي ٻٽي شهريت خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي

چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا چيو آهي ته آمريڪي قونصل خانو اليڪشن ڪميشن جي ماتحت ناهي، ان کان فيصل واوڊا جي ٻٽي شهريت بابت نٿا پڇي سگهون

ٻڌڻي دوران چيف اليڪشن ڪمشنر پ پ اڳواڻ قادر خان مندوخيل سان ڳالهائيندي چيو ته درخواستگذارن چيو هو ته اسان حتمي دليل ڏئي ڇڏيا آهن، ڇا توهان وڌيڪ دليل يا يا دستاويز ڏيڻ چاهيو ٿا ؟

قادر مندوخيل چيو ته اڄ 30هين پيشي آهي، ڪميشن گذريل ڏيڍ سال کان تنبيهه ڪري رهي آهي، جيڪي سوال پڇا ويا انهن جا جواب اچن، مون وٽ اضافي دليل نه آهن

سڪندر سلطان راجا چيو ته هو جواب ڏين يا نه ڏين، فيصلو ڪرڻ ڪميشن جو ڪم آهي ۽  هي آخري وارو آهي

قادر مندوخيل چيو ته فيصل واوڊا آمريڪي شهريت رکندو هو، لاڳاپيل آر او کي سزا ناهي ڏني وئي، آر او فيصل واوڊا کي نااهل ڪرڻ بدران منهنجا ڪاغذ رد ڪري ڇڏيا هئا

هن چيو ته مان آمريڪي سفارتخاني کي نوٽيس موڪليو هو، انهن چيوت اسان شخص کي جواب نه ٿا ڏيون، مان چيو هو ته اليڪشن ڪميشن ئي آمريڪي سفارتخاني کان پڇي وٺي

درخواستگذار جو چوڻ هو ته فيصل واوڊا پرڏيهه ملڪيت ظاهر ڪئي آهي، فيصل واوڊا جي شهريت بابت آمريڪي قونصليٽ کان پڇا ڳاڇا ڪئي وڃي

چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته گذريل ٻڌڻي تي توهان چيو هو ته دليل مڪمل ٿي ويا آهن، اڄ نئين ڳالهه ڪري رهيا آهيو، قونصليٽ اليڪشن ڪميشن جي ماتحت ناهي، ڪميشن ان کي نٿو لکي سگهي

درخواستگذار جي وڪيل آصف محمود چيو ته اسان سمورا لکت ۾ جواب ڏئي ڇڏيا آهن، ڪميشن فيصلو ڪري ته فيصل واوڊا وٽ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ وقت ٻٽي شهريت هئي يا نه

قادر خان مندوخيل چيو ته فيصل واوڊا نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ وقت ڪوڙو حلف نامو جمع ڪرايو ۽ نامزدگي ڪاغذن جي جاچ دوران ٻٽي شهريت لڪايو

فيصل واوڊا جي وڪيل پنهنجي دليلن ۾ چيو ته درخواستگذار شهريت ڇڏڻ واري سرٽيفڪيٽ تي ڀروسو ڪري رهيا آهن، اسان حلف نامو جمع ڪرايو آهي، شهريت بابت ٻه سوال آهن، فيصل واوڊا هميشه پاڪستاني شهري رهيو آهي ۽ هن ڪڏهن به پاڪستاني شهريت ناهي ڇڏي

وڪيل بئريسٽر معيد وڌيڪ چيو ته فيصل واوڊا ڪڏهن به ڪنهن ٻئي ملڪ جي شهريت لاءِ درخواست ناهي ڏني، ڄمڻ واري سرٽيفڪيٽ موجب فيصل واوڊا آمريڪا ۾ پيدا ٿيو، نامزدگي ڪاغذن ۾ لکيو ويو آهي ته هن ڪڏهن به پرڏيهي شهريت لاءِ درخواست ناهي ڏني، هو پيدائشي شهري آهي

هن وڌيڪ چيو ته فيصل واوڊا پنهنجو پاسپورٽ رد ڪري ڇڏيو آهي، هن وٽ ڪو به پرڏيهي پاسپورٽ ناهي

چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته اداري جو ڪم رڳو پاڪستان جي شهريت ظاهر ڪرڻ آهي، ڪنهن ٻئي ملڪ جي شهريت ظاهر ڪرڻ ناهي، پاڪستان ۾ ٻٽي شهريت وارا به هوندا جن وٽ نائيڪاپ نه پر رڳو شناختي ڪارڊ آهي

فيصل واوڊا جي وڪيل چيو ته ٻٽي شهريت رکندڙن جو نائيڪاپ هوندو، انهن وٽ شناختي ڪارڊ ناهي هوندو، جڏهن اسان ايم اين اي جي سيٽ تي نه رهيا آهيون ته نااهلي نٿي ٿي سگهي، ان وقت اليڪشن ٽربيونل ۾ درخواستگذار قادر مندوخيل پيش نه ٿيو هو

اليڪشن ڪميشن ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ فيصل واوڊا جي نااهلي لاءِ داخل درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو

  • TA

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔