ملڪ جي معيشت وينٽي ليٽر تي پهچڻ باوجود موجوده حڪومت اگهور ننڊ ستل آهي: سينيٽر شيري رحمان

لاهور: پيپلز پارٽي وڌندڙ درآمدات ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ خساري تي ڳڻتي جو اظهار ڪري ڇڏيو آهي. شيري رحمان چيو آهي ته ملڪ جي معيشت وينٽي ليٽر تي آهي پر تحريڪ انصاف جي حڪومت اگهور ننڊ ستل آهي.
پاڪستان پيپلز پارٽي جي نائب صدر ۽ سينيٽر شيري رحمان سماجي رابطي جي ويب سائٽ تي ٽوئيٽ ڪندي چيو آهي ته درآمدات آسمان تي پهچي چڪي آهي. جولاءِ کان نومبر تائين ملڪي درآمدات 29.9 بلين ڊالر رهي. نومبر ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 1.91 بلين ڊالر وڌيو آهي. هلندڙ مالي سال ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 7 ارب 8 ڪروڙ ڊالر تائين پهچي ويو آهي ڪنهن به معاشي اشاري ۾ بهتري ناهي اچي سگهي.
شيري رحمان چيو ته 3 سالن دوران ملڪ ۽ معيشت جو جيترو برو حال ٿيو. اهو 47 سالن ۾ ناهي ٿيو. حڪومت جي بدانتظامي سبب پاڪستان کي ڪڻڪ، کند ۽ ٻيون شيون به ٻاهران گهرائڻيون پئجي رهيون آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔