اليڪشن ڪميشن بلاول ڀٽو سميت ٻين مٿان لاڳو ڪيل ڏنڊ ختم ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن بلاول ڀٽو سميت ٻين مٿان لاڳو ڏنڊ کي ختم ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽ موجب اليڪشن ڪميشن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سندس پارٽي جي ٻين 6 اڳواڻن جي خلاف ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي جو ڪيس اڪلائي ڇڏيو.
اليڪشن ڪميشن سمورن نامزد جوابدارن جي خلاف نوٽيس تي لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي جنهن موجب سمورن ماڻهن مٿان لاڳو ڏنڊ ختم ڪيو ويو آهي. اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ڊسٽرڪٽ مانيٽرنگ آفيسر ڪوبه فيصلو نه ڏنو ۽ نه ئي وري مذڪوره معاملو اليڪشن ڪميشن ڏانهن اماڻيو.

بلاول ڀٽو زرداري سميت ٻين ڌرين ضابطه اخلاق تي عمل ڪرڻ جو يقين ڏياريو آهي جنهن تي اليڪشن ڪميشن بلاول ڀٽو سميت ٻين مٿان لاڳو ڏنڊ کي ختم ڪري ڇڏيو آهي. واضح رهي ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان خيبرپختونخواهه ۾ مڪاني چونڊن جي لاءِ ٺاهيل ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي تي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، خورشيد شاهه، سعيد غني ۽ مراد علي شاهه سميت ٻين مٿان 50 هزار في ماڻهو ڏنڊ لاڳو ڪيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔