عوام مٿان مني بجيٽ مڙهڻ ۽ قوم جي مستقبل سان کيڏڻ بجاءِ حڪومت استعيفيٰ ڏئي: شهباز شريف

لاهور: مسلم ليگ(ن) جي صدر ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت قوم جي مستقبل سان کيڏڻ جي بجاءِ استعيفيٰ ڏئي. مسلم ليگ(ن) جي صدر ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته هلندڙ مهيني واپاري خسارو رڪارڊ 5 ارب ڊالر کان وڌيڪ ٿيڻ معاشي تباهي جي نشاني آهي ۽ موجوده مالي سال جي پهرين 5 مهينن ۾ واپاري خسارو رڪارڊ 20 ارب 648 ملين ڊالر جو ٿي چڪو آهي.
هن چيو ته ڊالر 180 روپين کان مٿي ٿي چڪو آهي جڏهن ته مهانگائي اڃان وڌي رهي آهي. حڪومتي قدمن سان مهانگائي ۾ واڌ جا خطرناڪ نتيجا نڪرندا.

شهباز شريف چيو ته واپاري خساري ۾ رڪارڊ اضافو درآمدات ۽ برآمدات ۾ بهتري نه هجڻ جو ثبوت آهي ۽ هينئر تائين حڪومت مهانگائي جو پاڻ اعتراف ڪري رهي آهي. هن چيو ته ناڻي وارو صلاحڪار ڪڏهن مهانگائي ۾ گهٽتائي ته ڪڏهن وري واڌ جا تڪراري بيان ڏئي رهيو آهي. ڪڏهن چيو ويندو آهي ته پاڪستان سستو ترين ملڪ آهي ته ڪڏهن وري سمورو ملبو عالمي حالتن مٿان وڌو ويندو آهي.
مخالف ڌر جي اڳواڻ چيو ته مني بجيٽ مڙهڻ ۽ قوم جي مستقبل سان کيڏڻ جي بجاءِ حڪومت استعيفيٰ ڏئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔