چوهتر سالن جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اسان وٽ بااختيار لوڪل گورنمنٽ نظام آهي: عمران خان

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪنهن کي اهو احساس ناهي ته هي چونڊون جديد ۽ تبديل ٿيل نظام جي شروعات آهن. رپورٽ موجب وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ اسپيشل ٽيڪنالوجي زونز اٿارٽي بورڊ آف گورنر جو اجلاس ٿيو.
ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان چيو ته آءِ ٽي جي شعبي ۾ سرمائيڪارن کي سهولتون ڏينداسين ۽ برآمدات ۾ واڌ جي لاءِ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پرڏيهي سرمائيڪاري کي وڌائڻ لاءِ ڪاروباري دوست ماحول جو قيام اولين ترجيح آهي.

وزيراعظم چيو ته ڪي پي ڪي جي مڪاني چونڊن کان پوءِ گوڙ ڪيو پيو وڃي پر ڪنهن کي اهو احساس ناهي ته هي چونڊون جديد ۽ تبديل ٿيل نظام جي شروعات آهن. وزيراعظم هدايت ڏني ته لاڳاپيل اختياريون امڪاني سرمائيڪارن جي سهوليت لاءِ سمورا ضروري قدم کڻن ۽ سنڌو سنئون پرڏيهي سرمائيڪاري کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪاروبار ڪرڻ ۾ آساني کي يقيني بنايو وڃي.
عمران خان چيو ته اهڙو نظام ڪامياب جمهوريت ۾ ٿيندو آهي ۽ سڌو سنئون چونڊيل تعلقه ناظم گورننس کي بهتر بنائينداسين اهڙي نظام سان مستقبل جا اڳواڻ تيار ٿيندا ۽ 74 سالن جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اسان وٽ هڪ بااختيار لوڪل گورنمنٽ نظام آهي.
وزيراعظم کي ڏنل بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته آءِ ٽي جي شعبي ۾ 2 هزار ارب روپين جي سرمائيڪاري ڪئي وئي آهي ۽ اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي جي تحت مختلف منصوبن جي لاءِ 520 ملين رکيا ويندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔