آبي جيوت لاءِ جنت سڏجندڙ منڇر ڍنڍ زهريلي پاڻي سبب تباهي ڪناري تي پهتل

ڪراچي: ماضي جي آبي حيات لاءِ جنت سڏجندڙ منڇر ڍنڍ گدلي پاڻي سبب نه صرف پرڏيهي پکين لاءِ اوپري ٿي وئي آهي پر مڇي جي نسل ۽ مهاڻن لاءِ بنا ڪارڻ بڻجي وئي آهي، مختلف تحقيقات ڪندڙ ادارن پاران ان ڳالهه جي نشاندهي ڪئي وئي آهي ته منڇر ڍنڍ ۾ مٺي پاڻي جي کوٽ ۽ گدلي پاڻي جي واڌ سبب منڇر ڍنڍ پنهنجو جوڀن وڃائي چڪي آهي جنهن سان مڇي جي نسل ڪشي ٿي آهي ۽ ڪناري تي آباد مهاڻن جو روزگار به کسجي ويو آهي جنهن سبب ڪيترائي مهاڻا پنهنجي ابن ڏاڏن جا وٿاڻ ڇڏي ۽ ڪاروبار تبديل ڪري مختلف هنڌن تي وڃي آباد ٿيا آهن.

منڇر ڍنڍ ايشيا ۾ ٻئي نمبر تي وڏي ڍنڍ آهي جتي هزارين خاندان مڇي جي ڪاروبار سان واڳيل هئا ۽ سائبيريا کان انڊس زون ذريعي هزارين پکين جي واٿاڻ هو، پر اڄ اها ڍنڍ تباهي ڪنڌي تي پهچي وئي آهي جنهن جي ڪو سار لهڻ وارو به ناهي، اتي مٺي پاڻي جي ته کوٽ آهي ئي آهي جنهن جو گهڻو ڪارڻ موسمياتي تبديلي آهي جنهنڪري کيرٿر جي جبلن تي اها برسات نه ٿي پوي جيڪي 10، 20 سال پهريان پوندي هئي، گهڻي برسات سبب جبلن تان نيون وهي اچي منڇر ۾ ڇوڙ ڪنديون هيون سو به ذريعو ختم ٿي ويو آهي ۽ ٻئي طرف مين نارا ويلي ڊرين ذريعي زرعي، صنعتي ۽ ميونسپل جو پاڻي ڇوڙ ٿئي ٿو جنهن سان منڇر جي اڃا وڌيڪ تباهي ٿي وئي آهي. ان تباهي منڇر جي سونهن به ڦري ورتي آهي، پرڏيهي پکين جو وٿاڻ به ختم ڪري ڇڏيو آهي ۽ مهاڻن جو روزگار به ٺپ ٿي ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔