عمر ڪوٽ: عذرا پيچوھو ٿي اچي، انتظاميه روڊ رستا چمڪائي ڇڏيا

عمرڪوٽ: صحت جي صوبائي وزير عذرا پيچوھو ٿي اچي، سول اسپتال انتظاميه ۽ ميونسپل جي ڪامورن روڊ رستا چمڪائي ڇڏيا ۽ سول اسپتال ۾ به ھنگامي طور صفائي سٿرائي ڪرائي وئي

شھرين جو چوڻ آهي ته عام ڏينھن ۾ انتظاميه ننڍ ستل ھوندي آھي ۽ گندگي جا ڍير لڳل ھوندا آھن، هاڻي اسپتال جا ڊاڪٽر ۽ پيرا ميڊيڪل عملو به موجود آهي صوبائي وزير جي اچڻ جو انتظار به ڪري رهيا آهن

اسپتال ذريعن جو چوڻ آهي ته صحت جي وزير جو شيڊول مٺي ٿرپارڪر وڃڻ جو آھي پر ڪھڙي خبر عمرڪوٽ جي اسپتال به اچي وڃي، ان ڪري صفائي ڪرائي وئي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔