الله سڀني نياڻين کي سٺو ناٺي ڏئي، جيئن منهنجي شڪل ۾ نواز شريف کي ڏنو:ڪيپٽن (ر) صفدر

ڪراچي: نواز ليگ اڳواڻ ڪيپٽن (ر) صفدر پنهنجي پٽ جنيد صفدر بابت پڇيل سوالن جا جواب دلچسپ انداز ۾ ڏنا, لاهور ۾ صحافي جي هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هو جنيد جي شادي ۾ ڳائي ها ته شادي سڄو مزو ئي خراب ٿي وڃي ها، 30 سالن کان پنهنجي شادي جو گيت ڳائي رهيو آهيان، ايندڙ ٽن سالن تائين پنهنجي پٽ جي شادي جو گيت ڳائيندو رهندس

جنيد جي سياست ۾ اچڻ جي حوالي سان هن چيو ته جيئن وڪيل جو پٽ وڪيل، ڊاڪٽر جو پٽ ڊاڪٽر هوندو آهي، تيئن هو سياستدان جو پٽ آهي ۽ سياست ۾ ضرور ايندو

صحافي سوال ڪيو ته ماڻهو چئي رهيا آهن ته جنيد جو پيءُ ڪجهه به نٿو ڪري، سندس ماءُ جي ڪا به ملڪيت ناهي ته پوءِ هي هيڏو وڏوخرچ شادي تي ڪيئن ۽ ڪٿان ٿيو؟

ڪيپٽن صفدر جواب ڏنو ته مان هزار ڀيرا چئي چڪو آهيان ته اسان صوفين جا ٻار آهيون، غريبن ۽ مسڪينن جا ٻار آهيون، اسان جي گهر روز اهڙو لنگر هوندو آهي

عائشه سيف کي تحفو ڏيڻ واري سوال تي ڪيپٽن صفدر چيو ته مان پنهنجي نُنهنَ کي تندرستي ۽ صحتيابي جون دعائون ڏنيون ۽ کيس چيو ته جهڙي طرح الله منهنجي پُٽ کي سٺي زال ڏني آهي، ائين ئي سڀني کي ڏي ۽ الله سڀني جي ڌيئرن کي سٺو ناٺي به عطا ڪري، جيئن الله منهنجي شڪل ۾ نواز شريف کي ڏنو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔