سريلنڪن شهري جو قتل ڪيس: وڌيڪ ارڙنهن جوابدارن کي فرانزڪ ايجنسي ۾ پيش ڪيو ويو

لاهور: سيالڪوٽ ۾ سريلنڪن شهري جي قتل ڪيس ۾ اڳڀرائي جاري آهي، واقعي ۾ ملوث وڌيڪ 18 جوابدارن کي فرانزڪ ايجنسي ۾ پيش ڪيو ويو آهي.
رپورٽ موجب سيالڪوٽ ۾ سريلنڪن شهري جي قتل ڪيس ۾ اڳڀرائي جاري آهي. جوابدارن جي سي سي ٽي وي ۽ موبائل فوٽيجز جي ميچ ڪرڻ جو عمل ڪيو ويندو. فرانزڪ ايجنسي ۾ جوابدارن جو فوٽو گراميٽري ٽيسٽ ڪيو ويندو. ان کان اڳ 34 جوابدارن کي ٽيسٽ جي لاءِ پيش ڪيو ويو هو.
ٽيسٽ مڪمل ڪرڻ کان پوءِ جوابدارن کي سيالڪوٽ جيل منتقل ڪيو ويندو. جوابدارن کي سخت سيڪيورٽي ۾ سيالڪوٽ کان لاهور آندو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔