حڪومت جو هر ڪم بدنيتي تي ٻڌل آهي، هنن کي عوام جي ڪابه پرواهه ناهي: شاهد خاقان

اسلام آباد: ن ليگي اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته حڪومت جو هر ڪم بدنيتي تي ٻڌل آهي، حڪمرانن کي عوام جي ڪابه پرواهه ناهي. اسڪينڊل مٿان اسڪينڊل جي باوجود نيب چيئرمين خاموش آهي.
اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي ن ليگي اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو ته حڪومت نيب جي نئين چيئرمين جي مشاورت جو عمل مڪمل ڪرڻ ئي نٿي چاهي. موجوده نيب چيئرمين ڊيلي ويجز تي آهي. حڪومت پاڻ سهاري تي آهي جنهن ڏينهن هنن جي مٿان هٿ کنيو ويو ته هي هڪ ڏينهن به نه رهندي.
هن چيو ته صلاحڪار ۽ وزيرن جو ڪوبه هڪ ڪم ٻڌايو جيڪو هنن عوام لاءِ ڪيو هجي. اهڙي حڪومت جنهن کي عوام جو خيال نه هجي ان کي اقتدار ۾ رهڻ جو حق ناهي هوندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔