شاهد خاقان ۽ محمد زبير جي بيانن سان(ن) ليگ ۾ ورهاست صاف ظاهر ٿي وئي: فواد چوڌري

اسلام آباد: وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته شاهد خاقان ۽ محمد زبير جي بيانن سان(ن) ليگ جي اندر جي ورهاست وڌيڪ واضح ٿي وئي آهي. وفاقي وزير فواد چوڌري پنهنجي ٽوئٽ ۾ چيو آهي ته هن خاندانن ملڪ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي.
ن ليگ ۾ هاڻ نئين قيادت سامهون ايندي جيڪا سٺي ڳالهه آهي. پيپلز پارٽي کي به زرداري کان اڳيان نڪرڻ گهرجي. هن چيو ته هن مهيني خيبرپختونخواهه ۽ ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ پنجاب ۾ طاقتور مقامي حڪومتن جي چونڊن حڪومت جو اعتماد ظاهر ڪن ٿيون. پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ خيبرپختونخواهه ۾ به اميدوار نٿا بيهاري سگهن.
اهائي حالت پنجاب ۾ هوندي صرف هڪ يا ٻه ٽي وي چينلز اوهان جي عملي طور تي مئل سياست کي زنده رکڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔