اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاران لاپتا ٿيل شهري کي بازياب ڪرائڻ جو حڪم

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ گم ٿيل شهري عمران خان جي بازيابي لاءِ درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن سلسلي ۾ ڊپٽي اٽارني جنرل سيد محمد طيب شاهه پيش ٿيو

ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس اطهر من الله ڪئي، ان دوران ڊپٽي اٽارني عدالت کي آگاهي ڏني ته وفاقي حڪومت گم ٿيل شهري جي وارثن کي شروعاتي خرچن جي مد ۾ 16 لک رپيا ادا ڪري ڇڏيا آهن

ڊپٽي اٽارني جنرل سيد طيب شاهه چيو ته 13 آگسٽ جي حڪم موجب 16 لک رپيا ادا ڪيا ويا آهن، جنهن تي عدالت درخواستگذار کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا دائيگي ٿي وئي؟، جنهن درخواستگذار چيو ته ڪجهه ادائيگي ٿي آهي، جيڪو بيان حلفي ۾ ذڪر هو اهو مڪمل ناهي ٿيو

عدالت انساني حقن بابت سيڪريٽري کان مخاطب ٿيندي چيو ته هن کان وڏي انساني حقن جي ڀڃڪڙي ٿي سگهي ٿي، لاپتا شهري کي بازياب ڪرايو

سيڪريٽري چيو ته گهرو وزارت هن ڪيس کي ڏٺو هو، هاڻي مان ڏسندس، جنهن تي عدالت کيس هدايت ڏني ته ٻين لاپتا ٿيل ماڻهن جي ڪيسز سان گڏائي هن کي به ڏسو ۽ بازياب ڪرايو

  • TAGS

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔