جيڪب آباد: اين اي 196 تي ٻيهر ڳڻپ جاري، پي ٽي آءِ اميدوار پاران بائيڪاٽ

جيڪب آباد: جيڪب آباد جي قومي تڪ اين اي 196 تي ٻيهر ڳڻپ واري مامري تي پي ٽي آءِ اميدوار محمد ميان سومرو ڳڻپ  واري عمل جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو آھي

پي ٽي آءِ اميدوار محمد ميان سومرو جي بائيڪاٽ ڪرڻ باوجود ووٽن جي ڳڻپ وارو عمل جاري آهي، پي ٽي آءِ اميدوار جي وڪيل  احمد نواز پيچوهوجو چوڻ آهي ته رٽرننگ آفيسر پاران ٻيهر ڳڻپ وارو عمل غيرقانوني آهي، جنهن لاءِ ڪالهه لکت ۾ درخواست داخل ڪرائي ھئي

اليڪشن ٽربيونل جي حڪم تي 10 ڊسمبر کان ٻيهر ڳڻپ وارو عمل جاري آهي، ٽن ڏينهن دوران 14 پولنگ اسٽيشن جي ڳڻپ جو عمل مڪمل ٿي ويو آهي باقي 452 پولنگ اسٽيشنز جو ڳڻپ رهيل آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔