ڪراچي مان وڌيڪ 3 شهري مبينا لاپتا، وارث عدالت پهچي ويا

ڪراچي: ڪراچي مان وڌيڪ 3 شهري مبينا طور گم ٿي ويا آهن، جن جا وارث سنڌ هاءِ ڪورٽ پهچي سندن بازيابي لاءِ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي

عدالت آءِ جي سنڌ، ڊي جي رينجرز ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪندي ڌرين کي 13 جنوري تي گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

درخواست ۾ چيو ويو آهي ته رياض، عارف ۽ سيد حسين کي زمان ٽائون، مهراڻ ٽائون ۽ گورنگي مان حراست ۾ ورتو ويو آهي
درخواستگذارن چيو ته پوليس کي درخواستون ڏيڻ باوجود شهرين جو پتو نه پئجي سگهيو، رياض اڳ ۾ به ٻن سالن لاءِ لاپتا ٿي ويو هو، گم ٿيلن جي بازيابي لاءِ فوري طور تي حڪم ڏنو وڃي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔