عوام لاءِ خوشخبري، پيٽرول 11 رپيا سستو ٿيڻ جو امڪان

ڪراچي: عوام لاءِ خوشخبري جي خبر سامهون اچي وئي، پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ 11 رپين تائين گهٽتائي جو امڪان آهي، ذريعن موجب پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ 16 ڊسمبر کان گهٽتائي جو امڪان آهي، ايندڙ 15 ڏينهن ۾ پيٽرول 11 رپيا في ليٽر سستو ٿيڻ جو امڪان آهي

صنعتي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊيزل جي قيمت ۾ 9 رپيا في ليٽر گهٽتائي جو امڪان آهي، عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي ٿيڻ تي حڪومت ٽيڪس ليول وڌائڻ يا گهٽائڻ کانپوءِ قيمتن جو حتمي فيصلو ڪندي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔