ملڪ ۾ هر پاسي اشرافيا جو قبضو آهي، ماڻهو پئسو ٺاهي پرڏيهه ۾ لڪائي ڇڏيندا آهن: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد :سپريم ڪورٽ چيو آھي تھ ملڪ ۾ هر پاسي اشرافيا جو قبضو آهي، اشرافيا فردن جو نه پر سڄي طبقي جو نالو آهي، ماڻهو پئسو ٺاهي پرڏيهه ۾ لڪائي ڇڏيندا آهن، سپريم ڪورٽ طرفان سيڪڊ ايمپلائيز ايڪٽ ڪالعدم قرار ڏيڻ خلاف نظرثاني اپيلن تي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا ويا آھن

 جسٽس عمر عطا بنديال وڪيل رضا رباني سان مخاطب ٿيندي چيو ته توهان ڪڏهن اِن تي ڳالهايو آهي؟ عدالت سياسي نه، قانوني پاسن تي ڳالهائيندي، توهان هي معاملو پارليامينٽ ۾ به اُٿاري سگهو پيا، برطرف ملازمن سان همدردي آهي پر قانون جا به پابند آهيون، ملازمن کي پينشن ۽ پگهار ملي ٿي ته اُهو به معيشت تي وڏو بار آهي، رياست کي غريبن جو بار کڻڻ گهرجي

رباني صاحب! توهان پارليامينٽ ۾ موجود آهي، اُن ذريعي جمهوريت آڻيو، سياسي چوائس اسان جي نه، پر پارليامينٽ جي ٿي سگهي ٿي، رضا رباني چيو ته 1947ع کان اشرافيا سول ملٽري مفادن جو دفاع ڪيو آهي، شهيد ذوالفقار ڀٽو جي حڪومت کي غيرآئيني طريقي سان هٽايو ويو، جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته مارشل لا آرڊر ڪو به قانون ناهي هوندو، پارليامينٽ قانون ٺاهيندي آهي، ڇا قانون جي حڪمراني کانسواءِ معاشرو هلي سگهي ٿو؟ عدالت اٽارني جنرل کي سڀاڻي دليل مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته سڀاڻي ڪيس کي اُڪلايو ويندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔