پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز جون ٽيمون اڄ پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ آمهون سامهون ٿينديون

ڪراچي: پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ 3 ميچن تي ٻڌل ٽي ٽوئنٽي سيريز جو پهريون ميچ اڄ نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ کيڏيو ويندو. ٻئي ٽيمون ٻن ڏينهن کان پريڪٽس ۾ مصروف آهن، جڏهن ته فزيڪل ٽريننگ کان پوءِ رائديگرن پريڪٽس ڪئي.
پاڪستاني ڪپتان بابر اعظم ميچ کٽڻ لاءِ پرعزم آهي. هوم گرائونڊ تي کيڏجندڙ ميچ شام 6 وڳي شروع ٿيندو. گذريل ڏينهن ٽرافي جي رونمائي دوران ٻنهي ڪپتانن جو فوٽو سيشن ٿيو. ان موقعي تي قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم چيو ته هوم ڪنڊيشن ۾ کيڏڻ جي لاءِ ڪافي پرجوش آهيون.
هوڏانهن ويسٽ انڊيز ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳواڻ نڪولس پوران چيو آهي ته ٽي 20 سيريز جي لاءِ سٺي تياري ڪئي آهي. اسان جي ٽيم نوجوان رانديگرن تي ٻڌل آهي. ٽي 20 ڪرڪيٽ ۾ کيڏڻ جو هر ٽيم وٽ موقعو هوندو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔