ڀارت جي هرناز سَنڌو ”مس يونيورس“ جو ٽائيٽل کٽي ورتو

ڪراچي : ڀارت 21 سالن بعد مس يونيورس جو ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو. اهو ايوارڊ ڀارت جي هرناز ڪور سَنڌو حاصل ڪيو، جنهن 79 ملڪن جي سندرين کي مات ڏيئي  مس يونيورس جو تاج سر تي سجايو

اهڙي ريت هوءَ مس يونيورس جو ٽائيٽل کٽڻ واري ٽين ڀارتي ڇوڪري پڻ بڻجي وئي. ان کان اڳ 21 سال اڳ اداڪارا لارا دتا سال 2000 ۾ مس يونيورس جو ٽائيٽل حاصل ڪيو هو ۽ ڀارتي اداڪاره سشميتا سين سال 1994 ۾ مس يونيورس بڻي هئي. 70 هين مس يونيورس جو مقابلو 12 ڊسمبر تي اسرائيل ۾ ٿيو، جنهن ۾ رنر اپ مس پيراگوئي ناديا فريرا ۽ سيڪنڊ رنر اپ مس ڏکڻ آفريڪا لليلا مسوانا شامل آهن

هرناز سَنڌو، چندي ڳڙهه جي رهواسي آهي، پيشي جي لحاظ کان هڪ ماڊل آهي. هن ابتدائي تعليم شيولڪ پبلڪ اسڪول، چندي ڳڙهه مان حاصل ڪئي. هرناز چندي ڳڙه مان گريجوئيشن ڪرڻ بعد هاڻ ماسٽرس مڪمل ڪري رهي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔