آشيانه ريفرنس: شهباز شريف احتساب عدالت ۾ پيش، ڪارروائي 20 ڊسمبر تائين ملتوي

لاهور: آشيانه ريفرنس ۾ صدر مسلم ليگ(ن) شهباز شريف، احمد چيمه سميت ٻين جوابدارن سان گڏ احتساب عدالت ۾ پيش ٿيو نيب جي درخواست تي عدالت ڪارروائي 20 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
رپورٽ موجب احتساب عدالت ۾ آشيانه ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي نيب شهباز شريف جي شريڪ جوابدار جي بريت جي درخواست تي جواب جمع نه ڪرايو جنهن تي نيب عدالت ۾ جواب جمع ڪرائڻ جي لاءِ وقت گهري ورتو.
فاضل عدالت نيب جي درخواست تي ڪارروائي 20 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. احتساب عدالت جي احاطي ۾ شهباز شريف صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته هن کان اڳ ايتري مهانگائي ناهي ڏٺي. حڪومت هر گهر کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. عوام آسمان طرف هٿ کڻي کين پٽون پاراتا ڏئي رهيو آهي. عوام جو جيئڻ محال ٿي چڪو آهي هو ٻن وقتن جي ماني لاءِ ترسي رهيا آهن.
شهباز شريف وڌيڪ چيو ته دوائن ۽ ٻارن جي کير جون قيمتون آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيون آهن، پوري قوم اهڙي صورتحال ۾ مبتلا ٿي چڪي آهي جنهن کي ڏسي ڊپ ٿيندو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔