رانا شميم سوڌو سڀني ڌرين کان حلفي بيان طلب، ڪو به جج منهنجي لاءِ اسٽيڪ هولڊر ناهي: چيف جسٽس

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ رانا شميم جي بيان حلفي واري خبر تي توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن سلسلي ۾ گلگت بلتستان جي اڳواڻي چيف جسٽس رانا شميم ۽ اٽارني جنرل ۽ پي ايف يو جي سيڪريٽري جنرل ناصر زيدي پيش ٿيا

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته ڪنهن کي خراب ڪرڻ لاءِ ڪير بيان حلفي ڏيئي ته اخبار ان کي ڇاپي ڇڏي؟، جنهن تي اٽارني جنرل چيو ته رانا شميم کي گذريل ٻڌڻي تي عدالت اصل بيان حلفي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو

ان موقعي تي پي ايف يو جي، جي جنرل سيڪرييٽري ناصر زيدي چيو ته صحافي جو ڪم حقيقت تي ٻڌل رپورٽ کي ڇاپڻ آهي، جنهن تي چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته خبر جي سرخي سان تاثر ڏنو ويو ته ججز هدايتون وٺندا آهن

چيف جسٽس چيو ته اهو به لکيو ويو آهي ته انهن ڏينهن ۾ اهو جج موڪل تي هو، التوا هيٺ اپيلن تي اهڙيون خبرون شايع نه ٿيون ڪري سگهجن، عجيب ڳالهه آهي ته راڻا شميم چوي ٿو ته حلفي بيان ڪنهن کي به ناهي ڏنو

پي ايف يو جي سيڪريٽري جنرل ناصر زيدي چيو ته اسان جي تاريخ تمام تلخ آهي، چيف جسٽس چيو ته تاريخ ۾ نه وڃو، هن هاءِ ڪورٽ جو ذميوار صرف مان آهيان، مان اڳ ئي چئي چڪو آهيان ته هتي سياسي تقرير نه ٻڌندس، ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اسان جي تلخ آهي، يا ته هن عدالت جو ڪوئي فيصلو ٻڌايو جنهن ڪجهه اهڙو ٿيو هجي

چيف جسٽس چيو ته توهان به ڪوڙا کاڌا آهن اها به تلخ حقيقت آهي، عوام جو هن عدالت تي اعتماد هڪ خبر سان خراب ٿيو، برطانيه ۾ اخبار جي ايڊيٽر انچيف کي 3،3 مهينا سزا ٿي آهي، هي عدالت عالمي عدالت جي فيصلي تي عملدرآمد جو ڪيس ٻڌي رهي آهي ۽ جو اعتماد ختم ڪيو پيو وڃي

چيف جسٽس چيو ته رانا شميم چوي ٿو ته نوٽري پبلڪ دستاويز ليڪ ڪيو، رانا شميم جو جواب برطانيه ۾ ريگيوليٽر کي موڪليون ته نوٽري پبلڪ جي لاءِ مسئلو بڻجي ويندو، ناصر زيدي لاءِ عزت آهي، هن آئين ۽ جمهوريت لاءِ جدوجهد ڪئي

چيف جسٽس چيو ته چيو ته مون کي ڪجهه به ڇئو مان توهين عدالت جي ڪارروائي نه ڪندس، جڏهن ڪوئي انصاف جي فراهمي يا ماڻهن جي اعتماد کي خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ته عدالت برداشت نه ڪندي

چيف جسٽس چيو ته ڪوئي ٽن سالن کانپوءِ جيئرو ٿي اچي ته ان وٽ گرائونڊ ته هجڻ گهرجي، هن شخص جي بيان حلفي جي خبر توهان اخبار ۾ ائين ئي ڇاپي ڇڏي، جيڪڏهن مان هتي ويٺو آهيان ته پنهنجي لاءِ نه پر هزارين سائيلن جي لاءِ ويٺو آهيان

چيف جسٽس چيو ته ڪوئي ججز به منهنجي لاءِ اسٽيڪ هولڊر ناهي، صرف سائلين اسٽيڪ هولڊر آهن، هي توهين عدالت جو ڪيس نه پر منهنجو احتساب آهي، افسوس آهي ته اڄ جي دور ۾ ڪوڙ سچ  ۽ سچ کي ڪوڙ بڻايو پيو وڃي، اسان صرف ڳالهائي سگهون ٿا، توهان هن عدالت تي بد اعتدما نٿا پکيڙي سگهو

چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته هي نٿو چئي سگهجي ته اڳ ۾ هي ٿي رهيو آهي ته هاڻي به ٿيندو، هي منهنجو ۽ منهنجي سمورن ججز جو احتساب آهي، وڪيلن ۽ ڪورٽ رپورٽرز سان ڪجهه نٿو لڪي، هي ڪورٽ رپورٽر انتهائي پروفيشنلز آهن، اسان شيشي جي گهر ۾ ويٺا آهيون ڪجهه به نٿو لڪي

ناصر زيدي چيو ته چيف صاحب توهان وسيع القلب آهيو توهان اڳ ۾ به گهڻين شين کان درگذر ڪيو آهي،، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته ناصر صاحب جيڪڏهن مان هتي بيهي ويس ته ان جو مطلب مان سڀ ڪجهه مڃي ورتو، اهوئي ته مسئلو آهي ته جو اصل اسٽيڪ هولڊر کي ڪير اسٽيڪ هولڊر سجهيو ئي ناهي

چيف جسٽس چيو ته جيتريون ڪوڙيون خبرون منهنجي باري ۾ هونديون آهن مان انهن جي پرواهه ناهيان ڪندو، ڪوئي به قانون کان مٿانهون نه آهي، اسان به جوابده آهيون ۽ اهائي خوبصورتي آهي، منهنجي ذات جو ڪوئي مسئلو نه آهي

اٽارني جنرل چيو ته توهين عدالت جي نوٽيسز ملڻ واران پنهنجا حلفي بيان جمع ڪرائين، ان دوران رانا شميم جو اصلي بيان حلفي به سامهون اچي ويندو ان کانپوءِ فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي ڪارروائي ڪئي ويندي

اٽارني جنرل جي استدعا تي عدالت رانا شميم سوڌو سڀني ڌرين کان حلفي بيان طلب ڪري ورتو ۽ ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 20 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔