گم ٿيل صحافي جو ڪيس: رياست پاڻ ڏوهه ۾ ملوث هجي ته ان کان وڌيڪ ڏکوئيندڙ ڳالهه ٻي ڪهڙي آهي؟: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله چيو آهي ته گم ٿيل ماڻهن بابت ڪميشن جي موجودگي آئين جي آرٽيڪل 16 جي ڀڃڪڙي آهي.  چيف جسٽس اطهر من الله جي سربراهي ۾ صحافي ۽ بلاگر مدثر نارو جي بازيابي لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

اٽارني جنرل خالد جاويد خان عدالت کي ٻڌايو ته مدثر نارو جي گهروارن وزيراعظم سان ملاقات ڪئي هئي، وزيراعظم خاص هدايتون جاري ڪيون آهن، حڪومت معاملي کي سنجيدگي سان وٺي رهي آهي، عدالت کي ڪجهه وقت ڏيڻ جي درخواست آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس اطهرمن الله رمارڪس ڏيندي چيو ته ماڻهن کي ڳولڻ عدالت جو ڪم ناهي، اها نٿي ڳولي سگهي. رياست جي خواهش ئي ناهي، گمشدگين بابت ڪميشن به غير آئيني آهي، رڳو خاندان ئي ڪميشن وٽ ويندا آهن جن کي تاريخ ڏني ويندي آهي.

عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته انساني حقن واري وفاقي وزير چيو ته قانون ٺاهي رهيا آهيون، قانون جي ته ضرورت ئي ناهي، هزارين خاندان آهن جن جو رياست طرفان خيال نه پيو رکيو وڃي، رياست جي اندر ڪا به رياست نٿي ٿي سگهي، اڄ تائين ڪنهن کي ٽريس ناهي ڪيو ويو، هي ته سڌو آرٽيڪل 6 جو ڏوهه آهي. چيف جسٽس چيو ته هو عدالت جي مدد ڪن، گم ٿيل ماڻهن جو ذميوار ڪير آهي؟ گم ٿيل ماڻهن بابت ڪميشن جو وجود ئي آرٽيڪل 16 جي ڀڃڪڙي آهي.  جسٽس اطهر من الله چيو ته هي ٽيسٽ ڪيس آهي رياست جو رد عمل ڇا آهي، ردعمل واضح هجڻ گهرجي ۽ ڏٺو وڃي ته ماڻهن کي گم ڪرڻ رياست جي پاليسي ناهي.

  • TAGS

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔