لاپته صحافي ڪيس: سڀني چيف ايگزيڪيٽوز کي آرٽيڪل 6 ڇونه لڳايون؟: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس اطهر من الله صحافي ۽ بلاگر مدثر نارو جي گمشدگي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي رمارڪس ڏيندي چيو ته ماڻهن جي گمشدگي جو ذميوار چيف ايگزيڪيوٽو ئي هوندو آهي، هتي اڳوڻا چيف ايگزيڪيوٽو  ماڻحن جي کڄڻ جو فخر سان ڪتاب لکي ڪريڊٽ کڻندا آهن، هڪ هال آف شيم ٺاهيون ٿا جنهن ۾ سمورن چيف ايگزيڪيوٽوز جون تصويرون هجن… گم ٿيل ماڻهن تي انهن سڀني چيف ايگزيڪيوٽوز مٿان آرٽيڪل 6 ڇو نه لڳايو وڃي؟

سومر ڏينهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس جي ٻڌڻي شروع ٿي ته اٽارني جنرل آف پاڪستان خالد جاويد خان عدالت کي ٻڌايو ته وزيراعظم عمران خان 9 ڊسمبر تي گم ٿيل صحافي مدثر نارو جي گهرڀاتين سان ملاقات ڪئي هئي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته يا ته چيف ايگزيڪيوٽو ذميواري کڻن يا انهن کي ذميوار قرار ڏين جيڪي سندن ماتحت آهن، اسان کي ڪو فيصلو ته لکڻ ڏيو ، ڪنهن کي ذميوار قرار ڏيون.

اٽارني جنرل آف پاڪستان خالد جاويد خان چيو ته ڪجهه بيمارين جو علاج عدالتي فيصلن سان نه پر عوام جي روڊن تي اچڻ سان ٿيندو آهي. ايران ۾ به اهو سلسلو ايئن ئي رڪيو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس اطهر من الله رمارڪس ڏيندي چيو ته جڏهن رياست ئي ڏوهن ۾ ملوث هجي ته ان کان وڌيڪ ڏکوئيندڙ ٻي ڪا ڳالهه نٿي ٿي سگهي.

چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته هي رياست جي رد عمل جو ٽيسٽ ڪيس آهي. ردعمل واضح هجڻ گهرجي ته ماڻهن کي غائب ڪرڻ رياستي پاليسي ناهي. عدالت ئي فيصلو ڏئي سگهي ٿي، توهان مدد ڪريو، حڪم جاري ڪنداسين.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته اٽارني جنرل ۽ وڪيلن کي عدالت جي مدد لاءِ ڪيترو وقت گهرجي، مدثر نارو جي وڪيل ايڊووڪيٽ ايمان مزاري جواب ڏنو ته سڀاڻي کان عدالت جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهيان پر اٽارني جنرل چيو ته ڪجهه وقت گهرجي. جنهن بعد ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 18 جنوري تائين ملتوي ڪئي وئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔