جن نالائق ٽولي جي مدد ڪئي اهي هاڻي عوام جي مدد ڪن: راڻا ثناءُ الله

مسلم ليگ ن پنجاب جي صدر راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته جن ماڻهن نا لائق ٽولي کي ملڪ تي مسلط ڪرڻ مدد ڪئي هاڻي هو انهن کي هٽائڻ ۾ عوام جي مدد ڪن

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته ڪالهه بجلي جي قيمت ۾ 5 رپيا في يونٽ واڌ ڪئي وئي، ڊالر جي قيمت 200 تائين پهچي وئي ته ملڪي معيشت جو ڇا ٿيندو؟ غريب ۽ پگهار وارا ڪيئن گذارو ڪندا

هن چيو ته هي نااهل ٽولو ملڪ کي تباهي طرف وٺي وڃي رهيو آهي، عوام ٻاهر نڪري اچي، هن نااهل ۽ نالائق ٽولي کي نه هٽايو ويو ته ملڪ کي سخت نقصان پهچي سگهي ٿو

پنجاب ۾ پ پ جي مقبوليت بابت پڇيل سوال تي ليگي اڳواڻ چيو ته سياسي پارٽين ۾ صحتمند مقابلو ٿيڻ گهرجي، پ پ جي پنجاب ۾ منظم ٿيڻ سان اسان کي ڪو به خطرو نه آهي

راڻا ثناءُ الله چيو ته عوام کي اپوزيشن جو آواز ٻڌڻ گهرجي ۽ حڪومت خلاف بيهڻ گهرجي، آصف زرداري سينيئر سياستدان آهي، کيس بهتر لفظن جي چونڊ ڪرڻ گهرجي ها

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔