سنڌ اسيمبلي ۾ جهيڙو، ميمبر هٿين پئجي ويا، هڪٻئي کي گٿا لفظ ڳالهايا ويا

ڪراچي: سنڌ اسيمبلي ۾ لوڪل گورنمينٽ ترميمي بل جي منظوري دوران ميمبرز هٿئين پئجي ويا، صوبائي وزير اويس شاهه ۽ پي ٽي آءِ ايم پي اي بلال غفار ۾ منهن ماري ٿي، ٻين ميمبرز وچ ۾ پئي جهيڙو ختم ڪرايو

متحده پاڪستان ۽ پي ٽي آءِ سوڌو ٻين اپوزيشن پارٽيز هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي احتجاج ڪيو، اسپيڪر جي ڊائيس جو گهيراءُ ۽ سنڌ سرڪار خلاف نعريبازي ڪئي. اپوزيشن بل جون ڪاپيز به ڦاڙي ڇڏيون، احتجاج، جهيڙي ۽ گوڙ سبب ايوان مڇي مارڪيٽ بڻجي ويو

حڪومت ۽ اپوزيشن ميمبرز جا هڪٻئي تي سنڌ اسيمبلي ۾ جهيڙي لاءِ اڳرائي ڪرڻ جا الزام هنيا، صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته پي ٽي آءِ ايم پي اي بلال غفار سرڪاري بئنچز تي بلز اُڇليا ۽ بدتميزي ڪئي

اُن تي حڪومتي ميمبرز ڪاوڙ ۾ اچي ويا، توهان وڌيڪ شاديون ڪريو ۽ گهر ۾ ڪو مسئلو ٿئي ته اسيمبلي ۾ ڪاوڙ نه ڪڍو، اپوزيشن مايوس ۽ ذهني دٻاءُ جو شڪار لڳي رهي آهي، ڪنهن کي به اسيمبلي جو تقدس پائمال ڪرڻ نه ڏينداسين، بلال غفار، عارف مصطفيٰ جتوئي، ڪنور نويد جميل ۽ ٻين اپوزيشن ميمبرز چيو آهي ته پ پ ايم پي ايز اڳ ئي جارحاڻي موڊ ۾ هئا

اپوزيشن احتجاج ڪيو ته ڪجهه حڪومتي ميبمرز اپوزيشن جي ايم پي ايز تي حملو ڪيو، سنڌ اسيمبلي ۾ پيپلز پارٽي جي آمريت هلڻ نه ڏني ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔