ڀارتي فلمساز علي اڪبر هندو مذهب اختيار ڪري ورتو

مشهور ڀارتي فلمساز علي اڪبر اسلام کي ڇڏي هندو مذهب اختيار ڪري ورتو آهي.

انڊيا ٽو ڊي مطابق علي اڪبر سوشل ميڊيا تي ڀارتي چيف آف ڊفينس اسٽاف (سي ڊي ايس) بپن راوت خلاف نفرت آميز پوسٽون ڏسي اسلام کان هندو مذهب اختيار ڪيو. ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب علي اڪبر پنهنجو مذهب مٽائڻ جو باضابطا اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

علي اڪبر جو چوڻ هو ته مذهب تبديل ڪرڻ کانپوءِ سندس نئون نالو ’راما سمهن ‘ هوندو، ڇاڪاڻ ته راما سمهن هڪ اهڙو شخص هو، جيڪو پنهنجي ثقافت لاءِ بيٺو هو ۽ کيس قتل ڪيو ويو هو.

پنهنجي مذهب تبديل ڪرڻ جو سبب بيان ڪندي، راما سمھن (اڳوڻي علي اڪبر) چيو ته هو پنهنجي زال لوسيما سان گڏ هندو بڻجي ويو.

فلمساز موجب هو پنهنجي ڌيئرن کي مذهب تبديل ڪرڻ تي مجبور نه ڪندو، سندس ڌيئرون پاڻ فيصلو ڪري سگهن ٿيون ته هو ڪهڙي مذهب تحت رهنديون

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔