حيدرآباد: عدالت پاران آسائش لاءِ مختص ڪيل زمين تان قبضو ختم ڪرائڻ جو حڪم

حيدرآباد(ن پ ا) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ تعلقي مٽياري ۾ ڳوٺاڻن جي آسائش لاءِ مختص ڪيل زمين تان قبضو ختم ڪرائڻ لاءِ داخل درخواست تي محفوظ ڪيل فيصلو جاري ڪندي قبضو ختم ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي

ڳوٺ امير شاهه جي رهواسي مير حسن شاهه پنهنجي وڪيل نعيم الدين سهتو معرفت عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي جنهن جو فيصلو جاري ڪيو ويو آهي

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو هو ته 1995ع ۾ ان وقت جي ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد ڳوٺ ڪرڙ شاهه ۾ 21270 اسڪوائر زمين ڳوٺاڻن جي آسائش لاءِ مختص ڪئي هئي جنهن تي علائقي واسين امير محمد شاهه، مير اول شاهه عرف وڪيل شاهه، واحد شاهه مبينا طور قبضو ڪري مال جو واڙو، اوطاق ۽ گدام تعمير ڪرائي ڇڏيا آهن

هلندڙ مهيني جي 6 ڊسمبر تي جسٽس عدنان الڪريم ميمڻ تي مشتمل سنگل بئنچ ڪئي ٻڌڻي دوران وڪيل عدالت کي آگاهي ڏني ته ڄاڻايل معاملو ابتدائي طور اينٽي انڪروچمينٽ ٽربيونل ۾ هليو جتان ٽربيونل 17 آڪٽوبر 2019ع تي درخواست گذار جي درخواست ثبوت فراهم نه ٿيڻ بعد رد ڪري ڇڏي هئي

عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد اينٽي انڪروچمينٽ ٽربيونل جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيندي فوري طور زمين تان قبضو ختم ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته 21270 فٽ اسڪوائر زمين، پارڪ، اسڪول، مسجد ۽ اسپتال لاءِ استعمال ڪئي وڃي

عدالتي فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ايس ايس پي مٽياري، ڊپٽي ڪمشنر مٽياري ۽ تعلقي مختيارڪار مٽياري کي حڪم ڏنو آهي ته 15 ڏينهن اندر ڄاڻايل زمين تي قائم مال جو واڙو، گدام ۽ اوطاق ڊهرائي رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي وڃي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔