ملڪ جو پئسو چوري ڪندڙن کانسواءِ سڀني سان ڳالهين لاءِ تيار آهيون: وزيراعظم

ميانوالي: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ جو پئسو چوري ڪندڙن کانسواءِ سڀني سان ڳالهين لاءِ تيار آهيون. ميانوالي ۾ روڊ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته منهنجو سڄو زور تعليم تي آهي، عورتن جي تعليم کي بهتر بڻائڻو آهي، پنجن سالن کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ ترقي پٺتي پيل علائقن ۾ ٿيندي. هن چيو ته مهانگائي پاڪستان جو نه پر دنيا جو سڀ کان وڏو مسئلو آهي، مهانگائي سڀ کان وڌيڪ آهي پر پاڪستان اڄ به سستو ملڪ آهي. وزيراعظم چيو ته هن وقت اسان ڏکئي وقت کي منهن ڏئي رهيا آهيون پر ٽن کان چئن مهينن ۾ عالمي تيل ۽ گيس جون قيمتون هيٺ اينديون ته پاڪستان ۾ به قيمتون هيٺ اينديون.

هن چيو ته اسان 50 هزار رپين کان گهٽ آمدني وارن ماڻهن کي راشن تي 30 سيڪڙو رعايت ڏئي رهيا آهيون جڏهن ته غريب خاندانن کي 5 لک رپيا بنا وياج قرض فراهم ڪنداسين. مارچ تائين پنجاب جي سمورن علائقن ۾ هيلٿ ڪارڊ دستياب ٿي ويندا جنهن ذريعي پاڪستان ۾ ڪٿي به 10 لک رپين تائين جو مفت علاج ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته هو کاٻي ۽ ساڄي ڌر سميت سڀني سان ڳالهين لاءِ تيار آهن، هو بلوچستان ۽ قبائلي علائقن جي عوام جا مسئلا ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ لاءِ تيار آهن، ڪنهن به قسم جي مفاهمت نه ٿيندي. عمران خان چيو ته اقتدار ۾ اچي ملڪ جو پئسو چوري ڪرڻ وارن سان ڳالهيون نه ٿينديون

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔