ٽانڪ ۾ پوليو ٽيم تي حملو، سڪيورٽي تي مقرراهلڪارشهيد

ٽانڪ: پوليو ٽيم جي سڪيورٽي تي مقرر اهلڪارن تي هٿياربندن پاران حملو ڪيو ويو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ پوليس اهلڪار شهيد هڪ زخمي ٿي پيو.

ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر (ڊي ايڇ او ) ٽانڪ ڊاڪٽر احسان الله حملي جي تصديق ڪندي چيو ته موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن پوليو جي سڪيورٽي ٽيم تي حملو ڪيو.

ڊاڪٽر احسان الله موجب حملي ۾ زخمي ۽ شهيد ٿيل اهلڪارن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي ، ڊسٽرڪٽ پوليس آفيسر (ڊي پي او) ٽانڪ سجاد احمد جو چوڻ هو ته حملي آورن جي تلاش لاءِ سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي.

ٻئي پاسي پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان ٽي ٽي پي دعويٰ ڪئي آهي ته ٽانڪ ۾ پوليو ٽيم تي حملو انهن جي ويڙهاڪن ڪيو آهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔