مني بجيٽ جو قومي اسيمبلي مان منظور ٿيڻ قومي خودڪشي هوندي: شهباز شريف

لاهور: قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ ۽ صدر مسلم ليگ(ن) شهباز شريف چيو آهي ته مني بجيٽ قومي اسيمبلي مان منظور ٿيڻ قومي خودڪشي هوندي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته مني بجيٽ روڪڻ جي لاءِ گڏيل حڪمت عملي ٺاهينداسين. پاڪستان جي معاشي خودمختاري خطري ۾ آهي. مني بجيٽ سان ملڪ ۽ قوم جي لاءِ تباهه ڪندڙ اثر پوندا.
شهباز شريف چيو ته حڪومتي ميمبرن ۽ اتحادين جي احساس کي جاڳائڻ جي ڪوشش ڪنداسين. حڪومت قومي سلامتي جي لاءِ خطرو بڻجي وئي آهي. هن چيو ته هڪ ٻيو مني بجيٽ ڪينسر جو علاج ڊسپرين سان ڪرڻ جي برابر آهي.
حڪومت آءِ ايم ايف جي تيار ڪيل مني بجيٽ نه ڏي، پر هاڻ عوام جي جان ڇڏي استعيفيٰ ڏئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔