آءِ ايم ايف سان معاهدي جون شرطون ڳجهيون رکيون پيون وڃن، مني بجيٽ کي رد ٿا ڪريون: شيري رحمان

اسلام آباد: پاڪستان پيپلز پارٽي مني بجيٽ کي رد ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. شيري رحمان چيو آهي ته پيٽروليم ليوي ۽ سيلز ٽيڪس ۾ واڌ سان هر شيءَ مهانگي ٿيندي.
پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ سينيٽر شيري رحمان سماجي رابطي جي ويب سائٽ تي ٽوئٽ ڪندي چيو ته حڪومت ڪيئن دعويٰ ڪري رهي آهي ته کائڻ پيئڻ وارين شين جي قيمتن ۾ واڌ نه ٿيندي. آءِ ايم ايف سان معاهدي جون شرطون ڳجهيون رکيون پيون وڃن.
حڪومت پاران آءِ ايم ايف سان ڪيل معاهدي موجب هڪ ٻيو مني بجيٽ پيش ڪرڻ وڃي رهي آهي. پيپلز پارٽي آءِ ايم ايف ۽ حڪومت جي مني بجيٽ کي رد ڪري ٿي. شيري رحمان چيو ته هاڻ ڪيترين ئي شين تي 17 سيڪڙو جي ايس ٽي سان مهانگائي ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو.
تحريڪ انصاف جي ناڪام پاليسين سان بيزار ماڻهن تي وڌيڪ دٻاءُ پوندو. ملڪ کي اقتصادي بحالي جي منصوبي جي سخت ضرورت آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔