ايف آءِ اي کي حمزه ۽ شهباز شريف جو چالان بينڪنگ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائڻ جو حڪم

لاهور:عدالت ايف آءِ اي کي شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جو چالان بينڪنگ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. رپورٽ موجب شهباز شريف ۽ ان جي پٽ حمزه شهباز جي خلاف بينڪنگ ڪورٽ لاهور ۾ کنڊ واري ڪاروبار ذريعي مني لانڊرنگ ڪرڻ جي الزام ۾ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.
شهباز شريف ۽ حمزه شهباز عدالت ۾ پيش ٿيا. ايف آءِ اي جي وڪيل عدالت ۾ موقف پيش ڪيو ته شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي خلاف ايف آءِ اي چالان تيار ڪري ورتو آهي. شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي ضمانت بينڪنگ ڪورٽ جي اختيار ۾ نه آهي. عدالت ايف آءِ اي جي وڪيل تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اهو اعتراض عدالت کي قانون موجب حل ڪرڻو آهي. اوهان پنهنجي طور تي اهو ڇو چئي رهيا آهيو ته اهو چالان هتي نه پر ڪنهن ٻئي عدالت ۾ جمع ٿيڻو آهي. جنهن تي ايف آءِ اي جي وڪيل عدالت کي چيو ته اسان چالان لاڳاپيل عدالت جي سامهون پيش ڪنداسين.
عدالت چيو هو ته چالان بينڪنگ ڪورٽ ۾ جمع ڪرايو. اسان جو اعتراض آهي ته بينڪنگ ڪورٽ وٽ هن ڪيس کي ٻڌڻ جو اختيار نه آهي. عدالت هڪ دفعو ٻيهر ايف آءِ اي جي وڪيل تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته درخواستون هتي هلي رهيون آهن اوهان ڪيئن ڪنهن ٻئي ڪيس ۾ چالان جمع ڪرائي سگهو ٿا. اوهان عدالت کي گمراهه نه ڪريو، اوهان جو اعتراض لاڳاپيل عدالت ٻڌي فيصلو ڪندي.
عدالت ايف آءِ اي کي شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جو چالان بينڪنگ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ايف آءِ اي جي وڪيل عدالت کي چيو ته اسان وٽ چالان جي ڪاپي موجود آهي. عدالت حڪم ڏنو ته چالان جي ڪاپي نه پر اڄ اصل چالان عدالت ۾ جمع ڪرايو.
عدالت شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي عدالت مان وڃڻ جي اجازت ڏيندي ٻڌڻي ڪجهه دير لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔