ڪنڌڪوٽ: ڪچي ۾ پوليس جو آپريشن، 3 ڌاڙيل مارڻ جي دعويٰ

ڪنڌڪوٽ: ڪچي جي دراني مهر واري علائقي ۾ ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس سبزوئي ۽ جيئند جاگيراڻي گينگ خلاف آپريشن  دوران 3 ڌاڙيل مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي

پوليس جو چوڻ آهي ته هٿياربندن جي وچ ۾ جديد هٿيارن سان آمهون سامهون فائرنگ جو سلسلو هلندڙ آهي، راڪيٽ لانچر، اينٽي ايئر ڪرافٽ گن سميت جديد هٿيارن سان فائرنگ ڪئي پئي وڃي

ايس ايس پي امجد شيخ دعويٰ ڪئي آهي ته ڌاڙيلن سان فائرنگ جي ڏي وٺ دوران 3 ڌاڙيل مارجي ويا آهن، مارجي ويلن ۾ ڌاڙيل ٽڪرسبزوئي، صابو ۽ گاجو سبزوئي شامل آھن، جڏهن ته علائقي کي ڪڙو چاڙهڻ لاءِ ضلعي جي وڌيڪ نفري طلب ڪئي وئي آهي

ياد رهي ته ڪچي ۾ جاگيراڻي ۽ سبزوئي گينگ جي هٿياربندن چاچڙ برادري جي 14 کان وڌيڪ ماڻهن کي قتل ڪيو ۽ پوليس اهلڪارن جي شهادت به ٿي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔