سپريم ڪورٽ لاٿل ملازمن کي پهرين بحال ناهي ڪيو ته هاڻي ڪهڙو جواز آهي؟ جسٽس عمر عطا بنديال

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ ۾ سيڪڊ ايمپلائيز ايڪٽ بابت نظرثاني تي درخواست ٻڌڻي دوران جسٽس منصور علي شاهه جا ريمارڪس، جسٽس عمر عطا بنديال ريمارڪس ۾ چيو ته فيصلو ٿي چڪو آهي ته نگران حڪومت طرفان فارغ ڪرڻ وارو عمل غلط هو يا صحيح، نظرثاني ڪيس ۾ اِن معاملي کي نٿا ڏسون

هنن چيو ته ملڪ ۾ 1947ع کان ملازمن کي نوڪرين مان نيڪالي ڏيڻ جو عمل جاري آهي، پهرين به صحيح يا غلط طريقي سان ماڻهن کي نوڪرين مان ڪڍيو ويو، سپريم ڪورٽ هڪ فيصلي ۾ نيڪالي واري عمل کي صحيح قرار ڏئي چڪي آهي، آءِ بي جي برطرف ملازمن جي وڪيل اعتزاز احسن چيو ته قانون ڪالعدم قرار ڏيڻ سان ماضي جون ڀرتيون متاثر نٿيون ٿي سگهن

عدالت کان شڪايت آهي ته ملازمن کي ٻڌڻ بنا فيصلو ڏنو ويو، جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته سپريم ڪورٽ پهرين بحال ناهي ڪيو ته هاڻي ڪهڙو جواز آهي؟ ايس ايس جي سي ۽ اسٽيٽ لائيف ملازمن جي وڪيل جا دليل جاري هئا ته عدالت ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔