سيالڪوٽ واقعو آئين ۽ اسلامي اصولن جي خلاف آهي، قوم کي صدمي ۾ وجهي ڇڏيو: عالم

ڪراچي(۾ ڊ) ملڪ جي ناليوارن عالمن سيالڪوٽ واقعي کي ملڪ ۽ قوم لاءِ رُسوائي جو سبب قرار ڏيندي چيو آهي ته واقعي ۾ ملوث شرپسندن خلاف جوڳا قدم کنيا ويندا، توهين مذهن جو الزام لڳائڻ غير شرعي حڪت آهي

اسلام آباد ۾ عالمن جي وفد طرفان سريلنڪن هاءِ ڪمشنر سان ملاقات ڪري پريانٿا ڪمارا جي قتل واري واقعي تي افسوس جو اظهار، جنهن بعد پڌرائي جاري ڪئي وئي

مفتي تقي عثماني، ڊاڪٽر اياز قبله، علامه عارف واحدي، قاري حنيف جالنڌري، علامه امين شهيدي، عبدالخبير آزاد، ابو الخي زبير ۽ مولانا طاهر اشرفي ۽ علامه ساجد مير پنهنيج گڏيل پڌرائي ۾ چيو آهي ته سيالڪوٽ واقعي قوم کي صدمي ۾ وجهي ڇڏيو آهي، سيالڪوٽ واقعو آئين ۽ اسلامي اصولن جي خلاف آهي، واقعي ۾ ملوث ماڻهن کي جوڳي سزا ڏياري ويندي

عالمن چيو ته سيالڪوٽ واقعو الميو آهي، هڪ شخص کي ماري ۽ لاش ساڙيو ويو جيڪو عدالت مٿانهون قتل ۽ خوفناڪ واقعو آهي، جنهن جي سخت مذمت ڪجي ٿي

پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ملڪ عدنان جان جي پرواهه نه ڪندي بيگناهه شخص کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي، هن نوجوان جو هي قدم قابل تحسين آهي ۽ وزيراعظم ان نوجوان لاءِ تمغه شجاعت جو اعلان ڪري بهترين قدم کنيو

هنن چيو آهي ته سريلنڪا اسان جو برادر ملڪ آهي، اميد آهي ته هن واقعي سان پاڪستان ۽ سريلنڪا جا لاڳاپا خراب نه ٿيندا، جوابدارن کي سخت کان سخت سزا ڏني ويندي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔