اسلام آباد هاءِ ڪورٽ رانا شميم کي پرڏيهه وڃڻ کان روڪي ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ رانا شميم کي پرڏيهه وڃڻ کان روڪي ڇڏيو آھي، حلف نامو ڪيس جي ٻڌڻي دوران عدالت رانا شميم کي چيو ته سومر تائين حلف نامو پيش نه ٿيڻ جي صورت ۾ مٿس فرد جرم لاڳو ڪيو ويندو، چيف جسٽس اطهر من الله پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته آئون دعويٰ ۽ اعتماد سان چئي سگهان ٿو ته هن عدالت جي ججز تائين ڪو به ايپروچ نٿو ڪري سگهي

چيف جسٽس چيو تھ منهنجي ڪنهن به جج ڪنهن لاءِ در ناهن کولياعدالت تي عوام جو اعتماد ختم ڪرڻ جي ڪنهن کي به اجازت نٿي ڏئي سگهجي، هڪ بيانيي ذريعي هن عدالت تي دٻاءُ وڌو ويو، راءِ جوڙي وئي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جا ججز سمجهوتو ڪندا آهن، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سومر تي حلف نامو طلب ڪندي ٻڌڻي 13 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آھي

جڏھن تھ گلگت بلتستان جي اڳوڻي چيف جسٽس رانا شميم اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳيان لکت ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو، حلف نامي ۾ ثاقب نثار لاءِ جيڪو ڪجهه چيو، اُن جون حقيقتون منظرعام تي آڻڻ لاءِ تيار آهيان

جواب ۾ رانا شميم چيو آهي ته ثاقب نثار سان ڳالهه ٻولهه گلگت ۾ ٿي، جيڪو پاڪستاني حدن کان ٻاهر آهي، حلفي بيان مون ظاهر ناهي ڪيو، تنهنڪري توهين عدالت جي ڪارروائي نٿي ٿي سگهي، شوڪاز نوٽيس واپس ورتو وڃي، برطانيا ۾ حلف بيان رڪارڊ ڪرڻ جو مقصد پرڏيهه ۾ اُن کي محفوظ بڻائڻ هو، پنهنجي حياتي ۾ حلفي بيان پڌرو نه پئي ڪرڻ گهريو، مرحوم زال سان واعدو ڪيو هو ته حقيقتون رڪارڊ تي آڻيندس، خبر ناهي ته حلفي بيان ڪنهن پڌرو ڪيو آهي، هن معاملي ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو، اُن تي افسوس آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔