هاڻي جنهن به دين کي استعمال ڪندي ظلم ڪيو، اُن کي نه ڇڏينداسين: وزيراعظم

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان چيو آھي تھ هاڻي جنهن به دين کي استعمال ڪندي ۽ رحمت اللعالمين جي نالي تي ظلم ڪيو، اُن کي نه ڇڏينداسين، سڄي ملڪ فيصلو ڪيو آهي ته هاڻي اهڙا واقعا ٿيڻ نه ڏنا ويندا

وزيراعظم عمران خان سيالڪوٽ واقعي ۾ قتل ٿيل سريلنڪن شهري جي ياد ۾ ڪوٺايل تقريب کي خطاب ڪيو، وزيراعظم چيوته دنيا جي ڪنهن به معاشري ۾ ائين نٿو ٿئي ته پاڻ ئي الزام لڳائي، پاڻ ئي جج ٿئي ۽ پاڻ ئي قتل ڪري، اسان جي معاشري ۾ تماشو لڳايو ويو آهي

ھن چيو تھ هتي گستاخي جو الزام هڻي هڪ ماڻهو کي جيل ۾ وڌو ويندو آهي، ڪو جج ڪيس ناهي ٻڌندو ۽ ڪو وڪيل ڪيس ناهي وڙهندو، سيالڪوٽ واقعي ۾ هجوم هٿان جيڪو ڪجهه ٿيو، اُن تي تمام گهڻي تڪليف پهتي، پريانٿا جي وارثن کي سيالڪوٽ جي واپارين طرفان گڏ ڪيل هڪ لک ڊالرز ۽ ماهوار پگهار ڏيڻ جو اعلان، وزيراعظم سريلنڪن شهري کي بچائڻ لاءِ ڪوشش ڪندڙ ملڪ عدنان لاءِ تمغه شجاعت جو اعلان ڪندي چيو ته اهڙا ماڻهو اسان ۾ اُميد پيدا ڪندا آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔