آءِ جي سنڌ مشتاق مهر طرفان ٽيون ڀيرو سکر پهچي پريا ڪماري ڪيس بابت پوليس آفيسرز سان ملاقات

سکر (بيورو رپورٽ) روهڙي مان 10 محرم الحرام تي اغوا ڄاڻايل نينگري پريا ڪماري کي زمين ڳهي وئي يا آسمان کائي ويو، آءِ جي سنڌ مشتاق مهر طرفان ٽيون ڀيرو سکر پهچي پريا ڪماري ڪيس بابت پوليس آفيسرز سان ملاقات ڪئي وئي آھي

آءِ جي سنڌ کي ڪيس ۾ هيل تائين ٿيل اڳڀرائي بابت آگاهي ڏني وئي، ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ جي سنڌ پريا ڪماري کي فوري بازياب ڪري 9 ڊسمبر تي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، پريا واقعي تي آءِ جي سنڌ جي دورن ۽ وارثن سان ملاقاتن کي ميڊيا کان ڳجهو رکيو ويو

ذريعن موجب پوليس جا اعليٰ آفيسر گرفتار ٻن شڪي ماڻهن جي پولي گرافڪ ٽيسٽ لاءِ پنجاب پهتل، ذريعن جو چوڻ آهي ته گرفتار 2 شڪي ماڻهو جاچ دوران بيان تبديل ڪري رهيا هئا، پولي گرافڪ ٽيسٽ ۾ خبر پئجي سگهندي ته اُهي ڪوڙ ڳالهائي رهيا آهن يا نه، پريا ڪماري ڪيس ۾ 150 شڪي ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو هو، اڌ کان وڌيڪ شڪي بيان رڪارڊ ٿيڻ بعد آزاد ڪيا ويا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔