وفاقي وزير، اعظم سواتي سنگين الزام لڳائڻ تي اليڪشن ڪميشن کان معافي وٺي ڇڏي

اسلام آباد: وفاقي وزير فواد چوڌري کانپوءِ اعظم سواتي به سنگين الزام لڳائڻ تي اليڪشن ڪميشن کان معافي وٺي ڇڏي آھي، اليڪشن ڪميشن ۾ سنگين الزامن واري ڪيس تي ٻڌڻي دوران اعظم سواتي جي وڪيل طرفان معافي نامو جمع ڪرايو ويو

اعظم سواتي پنهنجي معافي نامي ۾ چيو آهي ته سدائين اليڪشن ڪميشن کي سگهارو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي اٿئون، منهنجي بيان سان ڪنهن جي دل آزاري ٿي آهي ته معافي وٺان ٿو، ڪميشن ۾ سنڌ جي ميمبر چيو ته اعظم سواتي گذريل ٻڌڻي تي به ڇوٽ ورتي هئي، ڇا هو ڪيس کان ڀڄي رهيو آهي؟

ڪميشن ايمانداري سان ڪم ڪري رهي آهي، سمورن ادارن کي هڪٻئي جو احترام ڪرڻ گهرجي، ڪميشن حاضري کان ڇوٽ منظور ڪندي اعظم سواتي کي 22 ڊسمبر تي ذاتي طور طلب ڪري ورتو آھي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔