حڪومت جو توشه خانه ڪيس جي ٻڌندڙ ڪندڙ جج جو گهر تحويل ۾ وٺڻ جو فيصلو

اسلام آباد: توشه خانه ڪيس جي ٻڌڻي ڪندڙ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج خلاف حڪومت انوکو قدم کنيو آهي, خيبرپختونخواهه حڪومت جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب جي سوات واري گهر کي ايڪوائر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي, جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب جي تاريخي رهائشگاهه کي عجائب گهر ۾ تبديل ڪرڻ جون تياريون شروع ڪيون ويون آهن

خيبرپختونخواهه جي ميوزيم ڊپارٽمينٽ گهر ايڪوائر ڪرڻ جو ليٽر جاري ڪندي ڊپٽي ڪمشنر لينڊ ايڪوزيشن ڪليڪٽر سوات کي خط به لکيو آهي, خط ۾ چيو ويو آهي ته جنهن گهر ۾ جج رهي ٿو اها تاريخي عمارت آهي، جنهن کي آئينده نسل لاءِ بچائڻ لاءِ قدم کڻڻ ضروري سمجهون ٿا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔