ڪراچي ۾ شادي کان انڪار تي نوجوان، ناري مٿان تيزاب ھاري ڇڏيو

ڪراچي: ڪراچي شهر جي اختر ڪالوني واري علائقي ۾ نوجوان شادي نه ڪرڻ تي ناري مٿان تيزاب هاري ڇڏيو, 29ورهين جي مريم ثنا جي شادي کان انڪار تي مٿس ويجهي مائٽ تيزاب اڇلايو، متاثر ناري ٻن ٻارڙن جي ماءُ آهي ۽ هڪ مهينو اڳ سندس طلاق ٿي هئي

پوليس موجب، جوابدار شهزاد مريم ثناءُ سان شادي ڪرڻ چاهيندو هو، شهزاد والدين سان گڏ ناري جي گهر آيو ۽ شادي جي انڪار تي مٿس تيزاب هاريو، متاثر ناري کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته مريم ثناءُ جو 40سيڪڙو جسم متاثر ٿيو آهي، ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔