سربيا ۾ پاڪستاني سفارتخاني جو ٽوئيٽر اڪائونٽ ”هيڪ” ٿي ويو!؟

ڪراچي (م.ڊ) سربيا ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي آفيشل ٽويٽر اڪائونٽ تان وزيراعظم عمران خان مٿان مهانگائي جي حوالي سان سخت تنقيد ڪندي الزام هنيو ويو ته کين ٽن مهينن کان پگهارون ناهن مليون ۽ فيس نه هجڻ سبب ٻارن کي اسڪولن مان ڪڍيو پيو وڃي

ٻن ڪلاڪن کانپوءِ پرڏيهي وزارت پاران بيان جاري ڪندي چيو ويو ته سربيا ۾ پاڪستاني سفارتخاني جا ميڊيا اڪائونٽ هيڪ ٿي چڪا آهن. انهن اڪائونٽن تي ميسيج سربيا جي پاڪستاني سفارتخاني پاران ناهن ڪيا ويا. بعد ۾ ٽويٽر اڪائونٽ تان ٽويٽ ڊليٽ ٿي ويا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔