نيب سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني کي گرفتار ڪري ورتو

اسلام آباد: نيب آغا سراج دراني کي گرفتار ڪري ورتو، سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر سپريم ڪورٽ ۾ موجود ھو، جيئن آغا سراج دراني سپريم ڪورٽ مان ٻاھرا نڪتو تھ نيب ٽيم کيس گرفتار ڪري ورتو

عدالتي احاطي ۾ آغا سراج دراني چيو ھو تھ عدالت جو لکت ۾ فيصلو ملڻ جي صورت ۾ گرفتاري پيش ڪندس، نيب جو چوڻ ھو تھ آغا سراج دراني کي عدالت مان ٻاهر نڪرڻ تي گرفتار ڪيو ويو، سندس راهداري رمانڊ ورتو ويندو، سراج دراني چيو ھو تھ لکت ۾ آرڊر نه مليو ته مسجد ۾ به رات گذاريندس، نماز پڙهندس ۽ عبادت به ڪندس

جڏھن تھ نيب راولپنڊي جي ٽيم آغا سراج دراني کي گرفتار ڪري گاڏي ۾ پاڻ سان گڏ کڻي وئي، آغا سراج دراني کي سپريم ڪورٽ ٻاھران گرفتار ڪيو ويو، جڏھن تھ سراج دراني کي نيب طرفان احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو، ٻڌڻي ختم ٿيڻ بعد چار ڪلاڪ آغا سراج دراني سپريم ڪورٽ جي احاطي ۾ رھيو

سپريم ڪورٽ ۾ ضمانت درخواست تي ٻڌڻي دوران جسٽس سجاد علي شاهه چيو ته هاءِ ڪورٽ مان ضمانت رد ٿيڻ بعد آغا سراج دُراني کي جيل ۾ هجڻ گهرجي ها

جسٽس سجاد علي شاھ چيو تھ آغا سراج دُراني گرفتاري ڇو پيش نه ڪئي، اسان کيس خاص رعايت ڇو ڏيون؟ عدالت چيو آهي ته آغا سراج دُراني پهرين هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي عمل ڪري ۽ نيب وٽ گرفتاري پيش ڪري، اُن کانپوءِ ايندڙ هفتي سندس ڪيس تي ٻڌڻي ڪئي ويندي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔