پهريون ڀيرو جيل نه پيو وڃان، نيب مان چڱائي جي توقع ناهي: سراج دراني

اسلام آباد: گرفتاري کان اڳ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته گرفتاري کان نه ڊڄنداسين، اسان جي قيادت اسان کي عدالتن کي منهن ڏيڻ جو سبق سيکاريو آهي. آغا سراج دراني چيو ته هي پهريون ڀيرو ناهي ته مان جيل وڃي رهيو آهيان، ڪوڙن ڪيسن ۾ ڪيترائي ڀيرا جيل ڏٺو

ھن چيو تھ جيل ۾ اڪيلائي ۽ تمام اذيتون برداشت ڪيون، نادر مگسي ۽ مون کي آمريت دوران گرفتار ڪيو ويو، 90 ڏينهن بيرڪ ۾ گذاريا، جڏهن عدالتي فيصلو ٿيو ته ٻڌايو ويو ته اسان تي ڪهڙو ڪيس آهي

هاڻ عمران نيازي جي دور ۾ به مختلف ڪيس ٺاهي جيل ۾ رکيو ويو. هن چيو ته نيب جڏهن پهرين کيس گرفتار ڪيو ته هنن جو رويو ٺيڪ نه هو، اسان کانئن سٺي رويي جي اميد به نٿا رکون، سياسي انجنيئرنگ جي ڪيسن ۾ سٺي رويي جي اميد ڪيئن رکي سگهجي ٿي؟ هن چيو ته جيڪڏهن منهنجي جيل وڃڻ سان معيشت بهتر ٿي ويندي ته پوءِ يقيناً مون کي جيل وڃڻ گهرجي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔