دنيا جا سمورا ملڪ اومي ڪرون لاءِ تيار رهن: صحت جو عالمي ادارو

صحت جي عالمي اداري خبردار ڪيو آهي ته دنيا جا سمورا ملڪ اومي ڪرون لاءِ تيار رهن، برطانوي ميڊيا موجب ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن جي ريجنل ڊائريڪٽر جو چوڻ آهي ته اومي ڪرون جي جاگرافيائي پکيڙ جيتري وسيع آهي ايترو موجوده صورتحال ۾ ٻڌايو نه پيو وڃي.

هن چيو ته اسان ڪورونا جي پهرين ڊيلٽا ويريئنٽ کان به سکيو آهي، ان ڪري سمورن ملڪن کي اومي ڪرون جي نئين ويريئنٽ لاءِ تيار رهڻ گهرجي، ڊبليو ايڇ او جي علائقائي ايمرجنسي ڊائريڪٽر چيو ته سفري پابنديون صرف ٻين ملڪن ۾ وائرس جي پکيڙ ۾ دير ڪري سگهن ٿيون.

هن وڌيڪ چيو ته ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن (ڊبليو ايڇ او) اومي ڪرون تي وسيع تحقيق ڪري رهيو آهي پر اهڙو ڪو اطلاع ناهي مليو ته جن ملڪن ۾ هي ڦهلجي رهيو آهي اتي منجهس ڪا تبديلي آئي هجي.

ريجنل ڊائريڪٽر چيو ته ان صورتحال ۾ ماسڪ جو استعمال، سماجي فاصلو، هٿن جي صفائي ۽ ويڪسينيشن تمام ضروري آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔