هلندڙ سال جو آخري مڪمل سج گرهڻ سڀاڻي ٿيندو

ڪراچي: هلندڙ سال جو آخري مڪمل سج گرهڻ سڀاڻي ٿيندو. موسميات کاتي موجب سج گرهڻ ڏکڻ آفريڪا، ڏکڻ آسٽريليا، ڏکڻ آمريڪا، ائٽلانٽڪ سمنڊ، پئسفڪ سمنڊ، انٽارڪٽيڪا ۽ هندي وڏي سمنڊ ۾ نظر ايندو، جڏهن ته پاڪستان ۾ سج گرهڻ نظر نه ايندو.

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته سج گرهڻ پاڪستاني وقت موجب صبح 10 لڳي 29 منٽن تي شروع ٿيندو ۽ سج کي مڪمل گرهڻ منجهند 12 وڳي لڳندو.موسميات کاتي موجب سج گرهڻ 2 لڳي 37 منٽن تي ختم ٿيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔