اٽارني جنرل حلف نامو پيش ڪرڻ لاءِ اڳوڻي چيف جسٽس جي-بي راڻا شميم کي خط لکي ڇڏيو

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪم بعد اٽارني جنرل حلف نامو پيش ڪرڻ لاءِ اڳوڻي چيف جسٽس جي-بي راڻا شميم کي خط لکي ڇڏيو آھي

خط ۾ راڻا شميم کي چيو ويو آهي ته حلفي بيان لنڊن ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن وٽ به پيش ڪيو وڃي، ڪنهن به شڪ کان بچڻ لاءِ حلف نامي جي ڪاپي جو مُهر لڳل لفافو لنڊن هاءِ ڪميشن ڏانهن اُماڻيو وڃي، لنڊن ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن پرڏيهي کاتي ذريعي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار تائين حلف نامو پهچائيندي

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ راڻا شميم جي حلف نامي جي ڪاپي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، راڻا شميم جي حلف نامي جي تصديق ڪندڙ وڪيل، اوٿ ڪمشنر ۽ نوٽري پبلڪ طرفان پاڪستان جي عدالتن ۾ پيش ٿيڻ تي راضپي جو اظهار، لنڊن ۾ نوٽري پبلڪ چارلس گهتري چيو آهي ته راڻا شميم هوش حواس سان حلفي نامي تي صحيحون ڪيون هيون

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔