ويسٽ انڊيز ڪرڪيٽ بورڊ پاڪستان جي دوري لاءِ ٽيم جو اعلان ڪري ڇڏيو

لاهور: ويسٽ انڊيز جي ڪرڪيٽ بورڊ پاڪستان جي دوري لاءِ ٽيم جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽ موجب ويسٽ انڊيز جي ڪرڪيٽ بورڊ پاڪستان جي خلاف 3 ٽي ٽوئنٽي ۽ 3 ون ڊي ميچز جي سيريز لاءِ ٽيم جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ٽيم جي قيادت ڪيرون پولارڊ ڪندو جڏهن ته نيڪولس پورن ٽي ٽوئنٽي ۽ شائي هوپ ون ڊي اسڪواڊ ۾ نائب ڪپتان هوندا.
ون ڊي اسڪواڊ ۾ ڪپتان ڪيرون پولارڊ نائب ڪپتان، شائي هوپ، عقيل حسني، الزاري جوزف، گوداڪيش موتي، اينڊرسن فلپس، نڪولس پورن، ڊيرن براوو، شاماربروڪس، روسٽن چيز ۽ جسٽن گريوز شامل آهن. ان کان علاوه ريمن رائيفر، روماريو شيفرڊ، اوڊين اسمٿ ۽ بيڊن والش جونيئر به ون ڊي اسڪواڊ جو حصو آهن.
ٻئي طرف ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ ۾ ڪپتان ڪيرون پولارڊ نائب ڪپتان، نيڪولس پورن، ڊيرن براوو، روسٽن چيز، شاني هوپ، شيلڊن ڪوٽريل، ڊومنڪ ڊريڪس، برينڊنگ ڪنگ شامل آهن. ان کان علاوه عقيل حسين، ڪانيل ميئرز، گوداڪيش، روماريو شيفرڊ، اوڊين اسمٿ، اوشين ٿامس ۽ هيڊن والش به ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ جو حصو آهن.
واضح رهي ته ويسٽ انڊيز جي ٽيم 9 ڊسمبر تي ڪراچي پهچندي جڏهن ته سيريز جا ميچ 13 کان 22 ڊسمبر جي وچ ۾ ڪراچي ۾ ٿيندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔